راٺي گوتم

راٺي گوتم

گوتم راٺي

گوتم راٺي : ٿرپارڪر ضلعي جي نامياري سماج سڌارڪ گوتم راٺيءَ، 20 اپريل 1942ع تي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ چيلهار ۾ ميگهراج راٺيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم چيلهار ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. غريب هئڻ سبب وڌيڪ پڙهائي جاري نه رکي سگهيو. ننڍپڻ کان ئي ادبي ۽ سماجي ڪمن ڏانهن لاڙي کيس سماجي کيتر ۾ جدوجهد لاءِ اتساهيو. گذريل 30 سالن کان ٿر ۾ سماجي خدمتن جي حوالي سان سٺي سڃاڻپ رکي ٿو. مختلف ادارن سان گڏجي تعلقي ڇاڇري جي پوئتي پيل ڳوٺن ۾ بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ ڇاڇري شهر ۾ بلڊ بئنڪ، اکين جي آپريشن جون مفت ڪئمپون، خانداني منصوبي بنديءَ ۽ عام بيمارين کان بچاءَ ۽ علاج لاءِ ڪئمپون لڳائيندو رهندو آهي. ان سلسلي ۾ هن ’ٿر ساٿ‘ نالي هڪ سماجي ادارو قائم ڪري، ان پليٽفارم تان علائقي جي ڳوٺاڻين عورتن لاءِ ’ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو مرڪز‘ (Mother and Child Healthcare Center) قائم ڪيو آهي. هن اداري ڪيترين عورتن ۽ ٻارن جو بهتر علاج ڪري رڪارڊ قائم ڪيو آهي. سماجي خدمتن جي مڃتا طور سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن ميرپورخاص کيس 2001ع ۾ اوارڊ ڏنو. کيس 2005ع ۾ ’والنٽيئرز ڊي‘ جي موقعي تي مسلم جيمخاني ڪراچيءَ جي انتظاميه به اوارڊ ڏنو. هي ٿرديپ، ٿر ساٿ، ’اويئر‘ ۽ ’روشن خوشحال ڇاڇرو‘ تنظيمن جو سرگرم ميمبر آهي. ڇاڇري شهر ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.04.20  عيسوي

ٿرپارڪر ضلعي جي نامياري سماج سڌارڪ گوتم راٺيءَ، 20 اپريل 1942ع تي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ چيلهار ۾ ميگهراج راٺيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رهندو مل هسيجا
جيلاني ولايت شاهه سيد
اسماعيل تارا
سيد لعل محمد شاهه للاڻي
انيلا ابڙو 2
غلام فاطمه شيخ
شمس عباسي آپا
البرٽ ڪامئو
اقبال دل
عبدالغفور بسمل ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون